اينگرو انتظاميه پاران منعقد ٿيندڙ سالياني ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف خانڳڙه تعلقي جي رانديگرن جو احتجاج
خانپور مهر ( رپورٽ: ارشاد شيخ ) خانڳڙهه تعلقي سان واسطو رکندڙ مختلف ڪرڪيٽ ڪلبن جي رانديگرن عبدالقيوم مهر، ذاڪر مهر، انور مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس ٻاهران احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو
مظاهرين چيو ته خانڳڙهه تعلقي ۾ 20 ڪرڪيٽ ڪلب آهن جن کي اينگرو انتظاميه نظر انداز ڪري تعلقي جي رانديگرن سان وڏي زيادتي ڪئي آهي
رانديگرن چيو ته خانڳڙه تعلقي جي ٽيمن ۾ ايتري اهليت آهي ڪنهن به ٽيم کي هارائي سگهن ٿيون، ٽورنامينٽ ۾ حصو ڏيڻ ته پري جي ڳالھه آھي پر خانڳڙهه تعلقي جي ٽيمن کي ٽرائل لاءِ به ناهي گهرايو ويو
مظاهرين وڌيڪ چيو ته خانڳڙهه جي 20 ڪلبن کي نظر انداز ڪري گهوٽڪي ضلعي جي مختلف تعلقن جي من پسند ٽيمن کي ٽورنامينٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪا زيادتي آهي نوٽيس ورتو وڃي
