صدر ۽ وزيراعظم جي جهاز خرچن لاءِ 1.8 ارب رپيا منظور ڪيا ويا

Muhammad-Aurangzaib-2-1024x546

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اقتصادي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 7 رڪني ايجنڊا جي سمري منظور ڪئي وئي. اجلاس ۾ پاسڪو ذخيرن مان ڪڻڪ جي فراهمي جي سمري منظوري ڪئي وئي، پاسڪو امپورٽڊ ۽ مقامي ڪڻڪ مان ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪندي، واپار واري وزارت لاءِ 22 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. وزارت دفاع جي انتظامن هيٺ وزيراعظم ۽ صدر جي جهازن لاءِ 1.8 ارب جي اضافي گرانٽ منظور ڪئي وئي، وزيراعظم آفيس جي اسٽاف ڪالوني لاءِ 25 ڪروڙ جي اسپيشل گرانٽ به منظوري ڪئي وئي. جڏهن ته اي پاسپورٽ جي تياري لاءِ 2.9 ارب رپين جي گرانٽ، نيب لاءِ 37 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ، ايمرجنسي هائوسنگ منصوبي لاءِ 30 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *