سعودي عرب پاران پاڪستاني وومين فٽبال ٽيم کي ميچ جي آڇ، سمورا خرچ سعودي برداشت ڪندو

385282_9581682_updates

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سعودي عرب فٽبال فيڊريشن پاڪستاني وومين فٽبال ٽيم کي قطر ۾ ميچ کيڏڻ جي دعوت ڏني آهي،

ذريعن موجب سعودي عرب قطر ۾ پاڪستاني وومينز ٽيم کي فٽبال ميچ کيڏڻ جي آڇ ڪئي آهي، ٻئي طرف پاڪستان فٽبال فيڊريشن به سعودي عرب سان ميچ کيڏڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي،

ذريعن جو چوڻ آهي ته ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم جا سمورا خرچ سعودي فٽبال فيڊريشن برداشت ڪندو، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن جو ٽريننگ سيشن قطر ۾ ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *