هانگ ڪانگ سڪسرز، پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) هانگ ڪانگ سپر سڪسز ۾ پاڪستان روايتي حريف ڀارت کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي،
هانگ ڪانگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 119 رنسون ٺاهيون ۽ گرين شرٽس کي ڪاميابي لاءِ 120 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو،
پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات آصف علي ۽ اخلاق احمد ڪئي ۽ ٻنهي رانديگرن بغير ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو،
ڀارت خلاف فتح سان ئي پاڪستان هانگ ڪانگ سپر سڪسز جي ڪوارٽر فائنل لاءِ به ڪواليفائي ڪري ورتو
هانگ ڪانگ سپر سڪسز ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت آل رائونڊر فهيم اشرف ڪري رهيو آهي
