گلگت بلتستان جو 77هون جشن آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو
( ماينٽرنگ ڊيسڪ ) گلگت بلتستان جو 77هون جشن آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، جڏهن ته آزادي جي ڏهاڙي تي گلگت بلتستان ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو،
جشن آزادي جي تقريب ۾ گورنر گلگت بلتستان سيد مهدي شاهه، وڏي وزير حاجي گلبر خان ۽ فورس ڪمانڊر گلگت بلتستان جهنڊو ڦڙڪايو، تقريب ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس سميت ٻين شرڪت ڪئي
ان موقعي تي شهيدن جي يادگارن تي گل رکيا ويا، جڏهن ته پوليس جي دستي پاران سلامي ڏني وئي، هوڏانهن ٻئي طرف آرمي هيلي پيڊ ۾ به جشن آزادي جي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين شرڪت ڪئي
