ڏهرڪي ۾ جسقم پاران ڀڳت ڪنوار رام کي 85هين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) ڀڳت ڪنور رام جي 85 هين ورسي جي موقعي تي جسقم جساف طرفان رھڙڪي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڀڳت ڪنور رام جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي جسقم ضلعي صدر فقير رمضان ڪلوڙ، مير حسن لاشاري، نعمان مرڻاس، سجاد ملڪ، ممتاز فاروقي، جنيد جلباڻي، وقار بوزدار، غفار سيال، يوسف بوزدار ۽ ٻين چيو ته ڀڳت ڪنور رام سنڌ جو صوفي ڪلاڪار هو، جنهن هميشه پيار محبت جو درس ڏنو، هنن چيو ته شهيد ڀڳت ڪنور رام کي شهيد ڪري سنڌ جي صوفي پيار محبت جي پيغام کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، پر انهن سازشي عنصرن جي هار ٿي ۽ ڀڳت ڪنور رام جي مشن جي فتح ٿي ڇو ته ڀڳت ڪنور رام ڪروڙين ماڻهن جي دلين م اڄ به زنده آهي، هنن چيو ته سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ ۽ شهيد بشير خان قريشي جا ڪارڪن شهيد ڀڳت ڪنور رام جي ڇڏيل مشن کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن
