عظيم صوفي سنت ڀڳت ڪنور رام جي 85هين ورسي ملهائي پئي وڃي
سنڌ جي عظيم صوفي سنت ڀڳت ڪنور رام 85هين ورسي ملهائي پئي وڃي، يادگار ڪاميٽي پاران رڪ ريلوي اسٽيشن تي ڀڳت ڪنور رام جي 85 ورسي ملهائي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، واقعو پھرين نومبر 1939 تي رڪ ريلوي اسٽيشن تي پيش آيو، جنھن ۾ مانجھد کان پنھنجي ڳوٺ ويندي سنڌ جي عظيم صوفي سنت ڀڳت ڪنور رام کي تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن بندوق جا فائر ڪري شهيد ڪيو، سنت جي شهادت بعد مشهور ريلوي اسٽيشن مڪمل طور ويران ٿي وئي، جيڪا ھن وقت زبون حالي جو شڪار آهي
