آئوٽ ڇو ڏنو! ليگ ميچ دوران ٻن ٽيمن جا کلاڙي وڙهي پيا هڪ فوت، ڪيترائي زخمي

0_JS332149535

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) باجوڙ اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ڪرڪيٽ ليگ جي فائنل ميچ دوران رانديگر کي آئوٽ ڏيڻ تان ٽيمن ۽ سندن حامين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت 3 زخمي ٿي پيا،

باجوڙ اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ اڄ ڪرڪيٽ ليگ جو فائنل کيڏيو ويو، جڏهن ته امپائر طرفان رانديگر کي آئوٽ قرار ڏيڻ تان ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ۾ جهيڙو ٿيو،

ٽيمن جي رانديگرن ۽ تماشائين هڪ ٻئي تي لتن،  مڪن ۽ ڪرسيون وسڪارو لائي ڏنو، جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ ڊي ايس پي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *