تعويذن جو پاڻي گهر ٻاهران ڇو هاريو! ٺاروشاهه ۾ پنهور پاڻ ۾ وڙهي پيا
ٺاروشاهه ( رپورٽر ) دليپوٽا جي ڳوٺ موسيٰ پنھور ۾ معمولي ڳالھه تان پنھور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ لٺيون، سروٽا ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٽي عورتون ثمينا، سنيتا، ڪيف پنھور ۽ ثناءُ الله زخمي ٿي پيا زخمي عورتن اسپتال ۾ ٻڌايو ته اسان جو ٻارڙو پاڻي لوٽو کڻي در ٻاھران راند ڪري رھيو ھئو ته ڀرسان رھندڙ بااثرن لالو پنھور، سھيل، ببلو، انور پنھور ۽ سندن عورتون اسانجي ٻارڙي کي تشدد ڪيو، ٻارڙي جي رڙين تي ٻاهر نڪتاسين ته جوابدارن اسان مٿان به تشدد ڪيو آهي لٺيون سروٽا ۽ ڪھاڙيون هڻي اسان کي زخمي ڪيو ويو آهي
