ڪوٽڙي ڀرسان سکر ايڪسپريس ٽرين جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون
( ويب ڊيسڪ ) ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو سکر ايڪسپريس جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، ريلوي اختيارين موجب حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، مسافر ٽرين جون ٻه بوگيون ٽرين کان ڌار ٿي ويون
ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته بوگين کي الڳ ڪرڻ بعد ٽرين کي روانو ڪيو ويندو ۽ ريلوي ٽريڪ کي بحال ڪيو ويندو
