سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ وارو منصوبو 6 ڪروڙ انسانن جي جياپي جو مسئلو آهي: قادر مگسي

WhatsApp Image 2024-10-29 at 15.48.20_0d6093db

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي سنڌو درياهه تي اڏجندڙ ڪئنالن بابت خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس هن چيو ته جيڪڏھن سنڌ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ موت جي وادي بڻجي ويندي، پ پ قيادت جيڪڏهن هن مسئلي تي خاموشي اختيار ڪئي ته پوءِ سنڌ ۾ انهن جي سياست هميشه لاءِ دفن ٿي ويندي

ھن چيو ته شهباز شريف وزيراعظم جي شوق ۾ ايترو انڌو ٿي ويو آهي جو چند ماڻهن جي چوڻ تي سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام کي موت جي ننڊ سمهاري پنجاب کي گرين سٽي بنائڻ چاهي ٿو

ھن چيو ته وفاق جو سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ وارو فيصلو سنڌ جي لکين ماڻهن جي قتل عام جو فيصلو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو

ھن چيو ته سنڌ جا حڪمران صوبائي توڙي وفاقي اسيمبلين ۾ ويٺا آهن پر هن معاملي تي هنن پنهنجا چپ سبي ڇڏيا آهن ۽ هٿن ۾ چوڙيون پائي ڇڏيون آهن

ھن چيو ته هي 6 ڪروڙ انسانن جي زندگيءَ جو مسئلو آهي، هر شعبي ۽ هر ٻوليءَ سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي حيات جو مسئلو آهي، وزيراعظم شهباز شريف عوام دشمن منصوبن جي حمايت ڪري رهيو آهي ھن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري صدارتي محل ۾ رهي سنڌ جي عوام خلاف سازش ۾ مصروف آهي

ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، شفقت مهيسر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *