اڄ نواز شريف جي حڪومت آهي ان ڪري ملڪي معيشت ترقي پئي ڪري: مريم نواز

l_384784_035221_updates

حافظ آباد ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته اڄ نواز شريف جي حڪومت آهي ان ڪري معيشت ترقي ڪري رهي آهي.

حافظ آباد ۾ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مريم نواز چيو ته هارين جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته مون کي اهڙي پاليسي ٺاهڻي آهي جنهن سان هارين جو نقصان نه ٿئي، هارين تائين سڌو سنئون ڪسان ڪارڊ پهچي رهيا آهن، ڪسان ڪارڊ لاءِ 12 لک کان وڌيڪ درخواستون مليون آهن.

مريم نواز چيو ته تحريڪ انصاف جي دور ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ٻڏي هئي پر اڄ 90 هزار تي پهچي وئي آهي، نواز شريف جي حڪومت سبب معيشت ترقي ڪري رهي آهي ۽ مهانگائي هيٺ آئي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اڄ پرڏيهي مهمان اچي رهيا آهن ۽ اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، مان پنجاب کي تبديل ٿيندي ڏسي رهي آهيان

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *