پي آءِ اي جو ملازم 16 نوان موبائل فون پنهنجي جسم سان ٻڌي ڪينيڊا کان اسلام آباد کڻي آيو

384777_5625819_updates

( ويب ڊيسڪ ) جيو نيوز جي رپورٽ موجب ڪينيڊا کان اسلام آباد ويندڙ اڏام ۾ پي آءِ اي جو ملازم 16 نوان موبائل فون پنهنجي جسم سان ٻڌي کڻي آيو، جنهن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪسٽم عملدارن حراست ۾ ورتو آهي

ذريعن موجب اهو مامرو ڪيترن ئي ڏينهن کان ڳجهو رکيو ويو هو، جنهن جو انڪشاف قومي ايئر لائين پاران جاري ڪيل هڪ شوڪاز نوٽيس ۾ ڪيو ويو آهي،

جاري ڪيل شوڪاز موجب پي آءِ اي جو ملازم 24 آڪٽوبر تي ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو کان پي آئي اي جي اڏام پي ڪي 782 ۾ اسلام آباد پهتو هو

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرندي ئي ڪسٽم عملدارن کي ملازم تي شڪ ٿيو، جنهن تي ڪسٽم اهلڪارن سندس جسم تي لڳل 16 موبائل فون هٿ ڪيا، جن کي ضبط ڪري ملازم کي حراست ۾ ورتو ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *