نيو سعيد آباد ۽ ڀرپاسي ۾ خارش ۽ چمڙي جي بيماري تيزي سان ڦهلجڻ لڳي
نيو سعيد آباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) موذي بيمارين سبب ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا وڪوڙجي ويا، ڊي ايڇ او مٽياريءَ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل تفصيلن موجب چمڙي ۽ خارش جون وچڙندڙ مختلف بيماريون جن ۾ خارش، ڏڍ، ڦرڙيون ۽ ٻيون بيماريون تيزيءَ سان ڦھلجي رھيون آھن چمڙيءَ جون بيماريون وبائي شڪل اختيار ڪرڻ لڳيون آهن، مقامي اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب رهواسي حيدرآباد، نواب شاهه، ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن، وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي
