مظفر ڳڙهه ۾ گوگل ميپ خانگي اسپتال جي نرس کي زيادتي جو نشانو بنجڻ کان بچائي ورتو
Man behind a scratched glass
مظفر ڳڙهه ( ويب ڊيسڪ ) پوليس موجب واقعو گذريل رات ان وقت پيش آيو جڏهن نرس خانگي اسپتال مان گهر وڃڻ لاءِ ڪچهري چوڪ وٽان رڪشا ۾ سوار ٿي هئي، رڪشا ڊرائيور نرس کي کڻي غلط رستي تي وڃڻ لڳو ته نرس اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر سان لوڪيشن شيئر ڪئي جنهن تي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس موجب رڪشا ۾ سوار جوابدارن مونڊڪا بائي پاس وٽ نرس سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي پر پوليس جي هوائي فائرنگ سبب جوابدار فرار ٿي ويا
پوليس جو چوڻ آهي ته نرس سان زيادتي ۽ قتل جي ڪوشش جي الزام ۾ 2 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ رڪشا کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن
