وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ونڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان مقرر

384687_1230790_updates

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

چيئرمين پي سي بي محسن نقوي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان ۽ نائب ڪپتان جو اعلان ڪيو.

محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد رضوان کي ون ڊي ۽ ٽي 20 ٽيم جو ڪپتان بڻايو آهي، جڏهن ته سلمان علي آغا کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي

چيئرمين پي سي بي چيو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي سليڪشن ڪميٽي تمام گهڻي محنت ڪئي، گذريل ٻن ٽيسٽن ۾ سليڪشن ڪميٽي نان اسٽاپ ڪم ڪيو،پاڪ انگلينڊ ٽيسٽ سيريز جي ڪاميابي  ۾ سليڪشن ڪميٽي جو وڏو هٿ آهي، مان سندن ساراهه ڪندس.

بابر اعظم بابت ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته بابر اعظم فارم ۾ اچي، بابر اعظم پاڪستان جو اثاثو آهي، بابر مون سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته مان ڪپتان طور کيڏڻ نه ٿو چاهيان، اهو بابر اعظم جو فيصلو هو بابر چيو ته راند تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *