ڏهرڪي: جيئي سنڌ تحريڪ جي سڏ تي سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ميرپورماٿيلو تائين پيادل مارچ،
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي، جسقم اڳواڻ ميرحسن لاشاري، رحيم ديشي ايس يو پي اڳواڻ اڪرم ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد چوڪ ڏهرڪي کان ميرپورماٿيلو تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، ڏهرڪي مان نڪتل پيادل مارچ جو وک وک تي قومي ڪارڪنن طرفان گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي سورهيه سنڌي، مير حسن لاشاري، اڪرم ميتلو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيوته پنجاب زبردستي سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ چاهي ٿو ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، نوان ڪئنال ٺهڻ سان پنجاب جي زمين آباد ٿي ويندي ۽ ٺٽي، بدين، سجاول ضلعن جي 50 لک ايڪڙ زمين غيرآباد ٿي ويندي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه جا وارث اسان سنڌي آهيون سنڌو درياهه تي ڪو به ڌاڙو برداشت نه ڪنداسين، اڳواڻن چيو ته جيستائين سنڌ ڌرتي ماءُ جا غيرتمند پٽ زنده آهن ايسيتائين ڪو به درياهه تي ڊئم ٺهڻ ڪون ڏينداسين، جيڪڏهن 6 نوان ڪئنال نڪري ويا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي، اڳواڻن اعلان ڪيو ته سنڌو درياهه تي پنجاب جي قبضي خلاف سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن م جدوجهد جاري رهندي
