پنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان انگلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

WhatsApp Image 2024-10-26 at 11.51.48_53296c80

( ويب ڊيسڪ ) پنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني اسپنرز جي شاندار بالنگ جي ڪري انگلينڊ جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 112 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 36 رنسن جو ٽارگيٽ مليو، جواب ۾ پاڪستان بيٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن تان ميچ کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي،

راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ طرفان ڏنل 36 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان طرفان سعيم ايوب ۽ عبدالله شفيق اننگز کيڏي، 14 جي مجموعي اسڪور تي صائم ايوب 8 رنسن جي اسڪور تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو

صائم جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ شان مسعود وڪيٽ تي آيو ۽ 3 بالن تي 3 چوڪا لڳايا، قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود 6 بالن تي 4 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 23 رنسون ٺاهيون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *