جسٽس يحيٰ آفريدي پاڪستان جي 30هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

l_384541_010835_updates

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس آف پاڪستان جي حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي گذري، جتي صدر آصف زرداري نئين چيف جسٽس کان حلف ورتو

تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ٽنهي فوجن جي سربراهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم، گورنر پنجاب سليم حيدر ۽ وفاقي وزيرن پڻ شرڪت ڪئي

ان کان علاوه جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله به حلف برداري واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا

26هين آئيني ترميم تي عملدرآمد کانپوءِ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس طور نامزد ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *