گهوٽڪي: سنڌ شيخ الائنس پاران زاهد شيخ تي ٿيل حملي جي مذمت

WhatsApp Image 2024-10-26 at 17.56.43_ad29f3fe

گهوٽڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) قادرپور ۾ شرپسندن پاران سنڌ شيخ الائنس جي رضاڪار شاهنواز شيخ جي فرزند زاهد شيخ مٿان قاتلاڻي حملي جي سنڌ شيخ الائنس پاران مذمت ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ پنهنجي بيان ۾ چيو ته  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حرڪت ۾ اچن ۽ فوري طور تي نوجوان زاهد حسين شيخ مٿان حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ کيس سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ اسين شيخ برادري تي ٿيندڙ اهڙيون بزدلاڻيون ڪاروائيون برداشت نه ڪنداسين سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ چيو ته جيڪڏهن نوجوان مٿان حملو ڪندڙ جوابدار سوگها نه ٿيا ته احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *