ڏهرڪي ڀرسان مقتول محمد صديق سميجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

WhatsApp Image 2024-10-26 at 18.26.23_35035c23

ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) کينجهو ۾ هڪ مهينو اڳ قتل ٿيل نوجوان محمد صديق سميجو جي وارثن مائي مٺل، مائي ابيرا، مائي سمينا، جمال سميجو، شبير احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هڪ مهينو اڳ اسان جي نوجوان محمد صديق سميجو کي جوابدار شبير عرف شبيرو ٽانوري، نادر ٽانوري، رشيد ڪانڃڙو ڏهر وارا گهران وٺي ويا هئا، اسان جي نوجوان جي ڄاڻايل جوابدارن وٺي وڃي بيرحماڻو تشدد ڪري کيس قتل ڪيو، اسان جي نوجوان جا قاتل گرفتار هن وقت تائين آزاد گهمي رهيا آهن، جڏهن ته اهڙي واقعي کي مهينو گذرڻ باوجود ڏهرڪي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته جوابدار بااثر هئڻ ڪري ڏهرڪي پوليس سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ بااثر جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته اسين انتهائي مسڪين آهيون اسان جي نوجوان کي بيرحماڻو تشدد ڪري بيگناهه قتل ڪيو ويو، بااثر اسان کي ڌمڪائي رهيا آهن ته جيڪڏهن اوهان ميڊيا تي آيا يا بيان ڏنو ته اوهان کي به قتل ڪنداسين، ڳوٺاڻن ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي آئي جي سکر، آئي جي سنڌ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته مقتول نوجوان محمد صديق سميجو جا قاتل گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *