2043ع تائين يورپ مسلمانن جي حڪمراني هيٺ اچي ويندو: بابا وانگا جي اڳڪٿي

9264f2893673e6860b574a553a3a7d5a

( ويب ڊيسڪ ) بلغاريا جي نابين عورت بابا وانگا پاران ڪيل اڳڪٿي موجب 2025ع ۾ يورپ جي تباهي جي جنگ لڳندي ۽ آبادي گهٽجي ويندي، دنيا جي زوال ۽ تباهي جي شروعات ايندڙ سال کان ٿيندي،

بابا وانگا يورپ ۾ هڪ وڏي تڪرار جي اڳڪٿي ڪئي آهي جيڪا 2025ع کان شروع ٿيندي، هن دعويٰ ڪئي آهي ته دنيا جو خاتمو 2025ع ۾ شروع ٿيندو پر دنيا جو مڪمل خاتمو 5079ع ۾ ٿيندو، بابا وانگا اڳڪٿي ڪئي آهي ته 2043ع تائين يورپ مسلمانن جي حڪمراني هيٺ اچي ويندو ۽ 2076ع تائين ڪميونسٽ راڄ عالمي سطح تي واپس ايندو،

بابا وانگا موجب انسان 2028ع تائين زهره تي ويندو، 2170ع ۾ دنيا ۾ سخت ڏڪار شروع ٿيندو، 3005ع ۾ انسان مريخ تي هوندو ۽ مريخ تي جنگ ٿيندي، 3797ع کان زمين جي تباهي باقاعده شروع ٿيندي ۽ 5079ع ڪائنات جي خاتمي جو سال هوندو،

واضع رهي ته بابا وانگا جون ڪيتريون ئي اڳڪٿيون سچ ثابت ٿي چڪيون آهن، جن ۾ ٽوئن ٽاورز تي حملو، يوڪرين ۾ آفت، شهزادي ڊيانا جو موت، ٻين عالمي جنگ، سوويت يونين جو خاتمو، 2004 جي سونامي ۽ 1985 جي زلزلي بابت هن اڳڪٿيون جيڪي سچ ثابت ٿي چڪيون آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *