سنت سترام داس جي 158هين ميلي جون تقريبون اڄ کان شروع
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) رهڙڪي ۾ هندن جي روحاني پيشوا سنت سترام داس جي 158هين جنم ڏهاڙي تي ٽئي روزه ميلي جون تقريبون اڄ کان شروع ٿي ويون، ميلي ۾ ملڪ جي مختلف شهرن مان پانڌيئڙن جي پهچڻ جو سلسلو جاري،
ٽئي روزه ميلي جون تقريبون ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون، ميلي ۾ سنڌ جا مختلف فنڪار پڻ شرڪت ڪندا، جڏهن ته سيڪورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن
