فلپائن ۾ سامونڊي طوفان ٽرامي تباهي مچائي ڇڏي، 40 ڄڻا فوت هزارين بي گهر

hq720

پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائن جي اتر اوڀر ۾ سامونڊي طوفان ٽرامي سبب ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ پڻ ٿي آهي.

رهواسي علائقن ۾ ٻوڏ ۽ تيز برساتن سبب زندگي جو نظام درهم برهم بڻجي چڪو آهي ۽ گهرن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ سبب شهري ڇتين تي پناهه وٺي ويٺل آهن

ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 10 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، ٻوڏ سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ انفراسٽرڪچر کي پڻ سخت نقصان پهتو آهي،

پوليس جو چوڻ آهي ته هنگامي صورتحال سبب ريسڪيو ٽيمون شهرين جي مدد ڪري رهيون آهن ۽ کين محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *