ميرپورماٿيلو: پوليو جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ريلي
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) پوليو جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي سيد محمد علي جي اڳواڻي ۾ ڊي ايڇ او آفيس کان ڀٽائي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي
ريلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ماٿيلو بابر علي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر رائو آفتاب، ڊاڪٽر ظهير ڊومڪي، ڊبليو ايڇ او جي ڊاڪٽر نياز، يونيسيف جي ڊاڪٽر رحيم گڏاڻي سميت وڏي تعداد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ شهرين شرڪت ڪئي،
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته ريلي ڪڍڻ جو مقصد عام ماڻهن ۾ پوليو وائرس خلاف سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن والدين پنهنجي ٻارن کي لازمي طور تي پوليو وائرس کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين
