ميرپورماٿيلو: صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي
( رپورٽ: عمر ڪورائي ) ميرپوماٿيلو جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي پوليس گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو.
عدالت ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ مسمات پٺاڻي به پيش ٿي، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو جاچ آفيسر ايس ايس پي نواب شاهه تنوير تنيو عدالت ۾ نه پهچي سگهيو عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
