لڏو گيم تان دوستي ٿيڻ بعد راجسٿان واسڻ ناري مڌيا پرديش واسي پريمي سان پرڻو ڪري ڇڏيو
( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر چترپور ۾ هڪ منفرد ڪيس سامهون آيو آهي، جتي هڪ پريمي جوڙو عدالت پهتو آهي ۽ وڪيلن جي سامهون هڪ ٻئي سان شادي ڪرڻ تي زور ڀريو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب پريمي جوڙي جو چوڻ هو ته اسان کي آن لائين لڏو کيڏڻ دوران هڪ ٻئي سان پيار ٿي ويو ۽ محبت ايتري وڌي وئي جو هڪ ٻئي کان سواءِ رهي نٿا سگهون،
ڀارتي ميڊيا رپورٽ مطابق نوجوان امن اگروال ۽ ناري پريانڪا ساهني موبائل تي آن لائين لڏو کيڏندا هئا، جتان هنن جي دوستي ٿي وئي ۽ اها دوستي پيار ۾ تبديل ٿي وئي جنهن بعد پريانڪا کي راجسٿان مان پنهنجو گهر ڇڏڻو پيو ۽ ڇترپور جي بنديل کنڊ ۾ اچي نوجوان سان عدالتي پرڻو ڪيو پيو
