ڏهرڪي: مصطفيٰ آباد واسي شيخ برادري سنڌ شيخ الائنس ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) مصطفي آباد ڪالوني واسي شيخ برادري سوين ماڻهن سنڌ شيخ الائنس ۾ باقاعده طور تي شموليت جو اعلان ڪيو آهي، ان موقعي تي سنڌ شيخ الائنس جي تعلقي صدر جمن شيخ ۽ ٻين جي مان ۾ اصغر شيخ، احسان شيخ، امان الله ۽ ٻين پاران آجياڻو ڏنو ويو،
جڏهن ته مصطفيٰ آباد ڪالوني واسي شيخ برادري جي ڪيترن ئي خاندان وڏيري اصغر شيخ جي اڳواڻي ۾ سنڌ شيخ الائنس جي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ ۽ سندس ٽيم تي اعتماد جو اظهار ڪندي سنڌ شيخ الائنس ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، ان موقعي تي آجياڻي جي تقريب ۾ محمد علي شيخ، سرور شيخ، عابد شيخ، عبدالشڪور،محمد اسلم، علي نواز ۽ ٻيا موجود هئا
