رات جي وقت عجيب قسم جي جيتن جا ماڻهن تي حملا، بيماريون ڦهلجڻ جو خدشو
ڏهرڪي ۽ ڀرپاسي ۾ رات جي وقت عجيب قسم جي جيتن جا حملا رپورٽ ڪيا ويا آهن، رات جي وقت روشني وارين جڳهن يا بلب تي وڏي تعداد ۾ ننڍڙا ۽ ميٽي رنگ جا جيت پهچي وڃن ٿا، جن مان خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهي جيت وچڙندڙ بيماريون ڦهلائي سگهن ٿا،
اهڙن جيتن لاءِ جيت مار دوائون استعمال ڪرڻ سان گهڻي حد تائين فائدو ٿيندو آهي، هنن جيتن مان ڦهلجندڙ بيمارين کان بچڻ لاءِ ڳوٺن ۽ گهرن ۾ صفائي رکجي، پاڻيءَ جا دٻا ختم ڪرڻ ۽ ڊسٽبن وغيره خالي ڪرڻ سان اهڙن جيتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو
