عثمان شاهه هڙي: ٽنڊوالهيار پوليس جي ڪاروائي، هڪ ڄڻو سوگهو
عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) اي سيڪشن پوليس گشت دوران ڪاروائي ڪندي مٽياري واسي فياض کي گرفتار ڪيو آهي گرفتار جوابدار جي قبضي مان 4 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ هڪ پسٽل برآمد ڪيو ويو، گرفتار جوابدار جو هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن جي پوليس پاران ڳولها ڪئي پئي وڃي، گرفتار جوابدار مٿان چوري ٿيل موٽرسائيڪل ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا
