سجاول جي بخاري محلا جو رهواسي نوجوان چئن ڏينهن کان لاپته وارث پريشان
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) وارڊ نمبر 1 بخاري محلا جو رھواسي 17 سالا نوجوان عابد حسين ولد علي نواز ھٿيار جو چئن ڏينهن ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، نوجوان ذھني طور ڪمزور ھجڻ سبب چار ڏينهن اڳ رات جي وقت گھر کان ٻاھر نڪري پراسرار نموني گم ٿي ويو، نوجوان جي گم ٿي وڃڻ سبب سندس وارث سخت پريشان آھن، ان سلسلي ۾ لاپته ٿيل نوجوان عابد حسين جي وارثن علي نواز ھٿيار، گلشير هٿيار، غلام حيدر ۽ ٻين ٻڌايو ته گم ٿيل نوجوان جي اسان سجاول جي مختلف علائقن سميت ٺٽو شھر ۾ به ڳولا ڪئي آھي پر سندس جو ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگھيو، اھڙي رپورٽ سجاول پوليس ٿاڻي تي پڻ ڏني آھي هنن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي
