شڪارپور: عورت کي شادي جي لالچ ڏئي ڦاسائيندڙ 2 پريمي هٿيڪا

WhatsApp Image 2024-10-24 at 19.09.41_19a834b7

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) شڪارپور جي ٿاڻي ميلاڻي جي ڪچي جي حد مان اغوا جي اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او ميلاڻي احمد ستار پنهنجي ٽيم سان ڪاروائي دوران چيڪنگ ڪندي ٽيڪسي ڊرائيور سارنگ شيخ سميت ٻن نوجوانن کي گرفتار ڪري بھاولپور واسڻ عورت کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي،

جاچ دوران پتو پيو ته رحيم يار خان جا رهواسي ٻه نوجوان ياسين ڀٽي ۽ ارشد ڀٽي بهاولپور واسڻ عورت راڻي ڌيءَ محمد رفيق گجر کي شادي جو لالچ ڏئي بھاولپور وٺي وڃي رهيا هئا، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته رحيم يار خان واسي گرفتار ٻن نوجوانن ۽ ٽيڪسي ڊرائيور کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *