مٽياري ۾ فوڊ ٽيم جي ڪاروائي صحت لاءِ هاڃيڪار گيهه هٿ، دڪان مالڪ تي ڏنڊ مڙهيو ويو

WhatsApp Image 2024-10-24 at 16.35.39_d845c541

مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران ڪاروائيون ڪري 40 ڪلو صحت لاءِ هاڃيڪار گيھه ضايع ڪري ڇڏيو، دڪان مالڪن مٿان ڏنڊ هنيو ويو

ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين جي سخت هدايتن تي مٽياري ضلعي ۾ ڪاروائيون جاري آھن، سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم فوڊ سيفٽي آفيسر محمد نعمان جي اڳواڻي ۾ مختلف دڪانن تي ڇاپا هنيا

ان موقعي تي فوڊ سيفٽي آفيسر محمد نعمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين جي سخت ھدايتن تي مٽياري ضلعي جي ھالا، ڀٽ شاهه، سعيدآباد سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ وقفي وقفي سان ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *