لبنان: اسرائيل پاران حزب الله جي وڌيڪ ٽن ڪمانڊرن کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ

384327_7628256_updates

سي اين اين جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران لبنان ۾ سخت بمباري دوران حزب الله جا 3 ڪمانڊر شهيد ٿي ويا آهن،

اسرائيلي فوج موجب بمباري دوران شهيد ٿيندڙ ڪمانڊر ڏکڻ لبنان جي علائقن ۾ موجود هئا، ٽئي ڪمانڊر اسرائيلي شهرين تي ڪيترن ئي راڪيٽ ۽ ميزائل حملن جا ذميوار هئا،

اسرائيلي فوج گذريل 2 ڏينهن ۾ ڏکڻ لبنان ۾ فضائي ۽ زميني ڪاروائين ۾ حزب الله جي لڳ ڀڳ 70 ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي، جڏهن ته حزب الله پنهنجي ڪمانڊرن جي شهادت تي اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو

واضح رهي ته اسرائيل گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ لبنان ۾ حزب الله جي ڪيترن ئي سينيئر ڪمانڊرن ۽ اهلڪارن کي شهيد ڪري چڪو آهي، جن ۾ حزب الله اڳواڻ حسن نصرالله ۽ قائم مقام اڳواڻ هاشم صفي الدين شامل آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *