ڀارت ۾ مڙس جي گٽڪي کائڻ جي عادت کان تنگ اچي زال خودڪشي ڪري ڇڏي
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو اتر پرديش جي علائقي جلالپور ۾ پيش آيو، جتي نوجوان عورت مبينا طور تي پنهنجي مڙس جي گٽڪو کائڻ جي عادت کان تنگ اچي پکي ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ موجب گٽڪي جي معاملي تي عورت جو مڙس سان جهيڙو ٿي پيو هو، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي، ڀارتي ميڊيا موجب زال ۽ مڙس ٻئي پاڻ ۾ سئوٽ آهن ۽ ٻنهي 2021 ۾ شادي ڪئي هئي
