ڪنڊيارو: ڳوٺ ڄام نورالله واسي پورهيت 10 ڏينهن کان لاپته

WhatsApp Image 2024-10-01 at 13.17.03_f01830f3

ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) ڳوٺ ڄام نورالله واسي پورھيت نظير پٽ محمد ادريس سولنگي گذريل 10 ڏينھن کان مبينه طور گم ٿي ويو آهي، جڏھن ته وارث پريشان آھن مبينه لاپته ٿيل نظير سولنگي جي ڀاءُ حيدر سولنگي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ پورھيت آھي جيڪو 10 ڏينھن اڳ ڳوٺ کان شھر طرف وڃڻ لاءِ نڪتو ھيو پر سندس ڪو ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو هن چيو ته سندس گم ٿيڻ جو اطلاع ڪنڊيارو ٿاڻي تي پڻ ڏنو آھي وس وارا پورهيت جي ڳولا ۾ مدد ڪن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *