عثمان شاهه هڙي: بوائز هائي اسڪول ۾ عشره رحمت العالمين جي عنوان هيٺ تقريب منعقد

WhatsApp Image 2024-09-19 at 15.56.59

عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) گورنمنٽ بوائز هائي اسڪول ۾ عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ عشره رحمت العالمين جي عنوان هيٺ تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ تعلقي جهنڊومري جي 30 کان وڌيڪ اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ ڪرت، نعت رسول صلعم ۽ تقريري مقابلا ڪرايا ويا، تقريري مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ روڪ رقم ۽ مڃتا ايوارڊ تقسيم ڪيا ويا، تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غزالا تحسين سمون، ڊپٽي ڊي اي او نور نبي دائوداڻي، ٽي اي او نياز لغاري، ٽي اي او فيميل زينت ميرجت، هيڊ ماسٽر ذوالفقار عاقلاڻي ۽ ٻين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي غزالا تحسين سمون جو چوڻ هو ته عثمان شاهه ھڙي هائي اسڪول سميت تعلقي جهنڊومري جي سمورن استادن پاران بهترين نموني ٻارڙن کي سکيا ڏني وئي آهي ۽ مقابلي ۾ ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي جس هجي جن بهترين نموني ڪرت، تقريرون ۽ نعت رسول صلعم پڙھي پاڻ مڃرايو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *