عمرڪوٽ: پير ابراهيم جان سرهندي جو ساليانو عرس ملهايو ويو

WhatsApp Image 2024-09-19 at 20.45.14_9571e5c1

عمرڪوٽ ( رپورٽ: جلال شر ) عمرڪوٽ ڀرسان گلزار خليل ۾ جشنِ عيد ميلادالنبي صلعم جي سلسلي ۾ پير محمد ابراھيم جان سرھندي  جو ساليانو  عرس مبارڪ ملهايو ويو، عرس جي تقريب ۾ مختلف ضلعن مان سوين ماڻھن شرڪت ڪئي، جڏهن ته عرس مبارڪ جي تقريب ۾ حق نبي سڪندري ۽ پير ايوب جان سرهندي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو، هوڏانهن گلزار خليل مدرسي ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪندڙ شاگردن کي پڳ پارائي وئي، تقريب جي اختتام تي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *