نيو سعيد آباد: ڳوٺ جادو ڳاهوٽي واسي ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف احتجاج
نيو سعيد آباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) ڳوٺاڻي عبدالحفيظ ڳاھوٽي، دودو ڳاھوٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ڳوٺاڻن ڌانهيندي چيو ته مراد ڳاھوٽي اسان جي گھرن جي اڳيان گھٽيون بند ڪري ماڻھون ويھاري ڇڏيا آھن، گهٽيون بند هئڻ سبب مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪريون ٿا ته لوڙھو ڏئي بند ڪيل گھٽي کولرائي بااثرن کان تحفظ ڏياريو وڃي
