مورو: شاخ مان پاڻي چوري الزام هيٺ 19 ڄڻن مٿان ڪيس داخل
مورو ( رپورٽ: سرمد رضا مستوئي ) مناهي ويجهو سهڙا شاخ مان پاڻي چوري الزام ھيٺ 19 ڄڻن پپو ابڙو، راجا، اظھر جيسر، شفيع ڍلو، بادل ابڙو، مظھر جيسر، ذوالفقار ابڙو، اسد جيسر ۽ ٻين مٿان پاڻي چوري جو درس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي، سهڙا شاخ جي دورغي دلدار سولنگي ڄاڻايو آھي ته ڄاڻايل جوابدار شاخ مان پاڻي چوري ڪري رھيا ھئا ته منع ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون ويون اهڙي اطلاع بالا آفيسرن کي ڏني وئي جنهن کانپوءِ بالا آفيسرن جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
