ڏهرڪي: ڀرچونڊي شريف ۾ پيءَ ۽ پٽ ۾ مبينا جهيڙو، پيءَ ۽ پٽ جي هڪ ٻئي مٿان فائرنگ، پٽ هٿان پيءُ قتل
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) ذريعن موجب درگاهه ڀرچونڊي شريف ۾ ميان عبدالرحمان مبينا طور فائرنگ ڪري پنهنجي پيءَ ميان انيس الرحمان کي قتل ڪيو آهي، هوڏانهن اهڙي واقعي بعد ميان شفيع الرحمان جو چوڻ آهي ته منهنجو ڀاءُ قتل ٿيو آهي ۽ هڪ ڀائٽيو زخمي آهي، هن چيو ته جهيڙي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، هوڏانهن ڏهرڪي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهتل آهي جڏهن ته مقتول ميان انيس الرحمان جو مڙهه ڏهرڪي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، اهڙي واقعي جي اطلاع ملڻ بعد درگاهه ڀرچونڊي شريف جا مريد وڏي انگ ۾ اسپتال پهتل آهن
