چانهه دير سان ڇو ڏني ٺاروشاهه ۾ سولنگي ۽ ملاح وڙهي پيا 8 ڄڻا رتورت،

WhatsApp Image 2024-09-18 at 22.43.40_e7a07b4a

ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) ٺاروشاهه: مڃٺ ۾ ھوٽل هوٽل چانھه دير سان ڏيڻ تان سولنگي ۽ ملاح پاڻ ۾ وڙهي پيا جهيڙي ۾8 ڄڻا رتورت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس ٻنھي ڌرين جي 20 ڄڻن مٿان ڌار ڌار اين سيون داخل ڪري ورتيون، ٻنهي ڌرين جي جهيڙي سبب هوٽل تي ويٺلن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ٻنھي ڌرين جا سڪندر ملاح، لياقت ملاح ، سعد ملاح، عاشق ملاح، سوڊل ملاح، زاھد سولنگي، سڪندر سولنگي، علي نواز، علي سولنگي سميت 9 ڄڻا رتورت ٿي پيا، زخمين کي مڃٺ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس پاران ٻنهي ڌرين جي ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ پڻ ورتو آهي جڏهن ته جهيڙو وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *