نصير آباد: پوليس جي ڪاروائي ڪار ڦر ڪندڙ عورتون گرفتار، ڦر ٿيل ڪار هٿ
نصير آباد ( رپورٽ: قمر عباس شاهه ) ايس ايڇ او ذاڪر حسين سانڊاڻو ٽيم سميت ڪامياب ڪاروائي ڪندي ٻه ڏينهن اڳ ڪار ڦر ڪري فرار ٿيل ٻن عورتن مينا عرف مھناز پيچوهو ۽ سمينا پتوجو کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل ڪار هٿ ڪري ورتي آهي، ان موقعي تي ايس ايڇ او نصيرآباد ذاڪر حسين سانڊاڻو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ سيٺ اسلم شيخ جي ڪار ٽي عورتون ڦر ڪري ويون هيون، پوليس جيڪب آباد ۾ ڪاروائي ڪندي ڪار هٿ ڪري روتي آهي جڏهن ته واردات ۾ ملوث ٻن عورتن کي پڻ پوليس تحويل ۾ ورتو آهي، نصيرآباد پوليس 6 ڄڻن مٿان ڪيس پڻ داخل ڪري ڇڏيو آهي، ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ گهربل ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو
