ڏهرڪي: سنڌ شيخ الائنس جي تعلقي صدر محمد جمن شيخ جي ڪوششن رنگ لاتو، شيخ ۽ سميجا برادرين ۾ هلندڙ جهيڙي جو نبيرو ٿي گذريو
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي )ڪجهه عرصي کان سميجا ۽ شيخ برادري جي مير محمد سميجو ۽ اجمل شيخ جي ڌرين ۾ ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي، ڄاڻايل جهيڙي جو نبيرو ايس ٽي پي مرڪزي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو جي سرپئنچي هيٺ الفتح پيٽرول پمپ تي ٿي گذريو، فيصلي ۾ شيخ برادري جي سربراهي سنڌ شيخ الائنس جي تعلقي صدر محمد جمن شيخ ڪئي، هوڏانهن ڄام عبدالفتاح سميجو ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد فتويٰ ٻڌائيندي ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي سنڌ شيخ الائنس جي تعلقي ڏهرڪي صدر محمد جمن شيخ جو چوڻ هو ته سنڌ شيخ الائنس جي پليٽ فارم تان اسين پنهنجي برادري جي هر ڏکي سکي مسئلي ۾ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ صاحب جي به ڪوشش آهي ته شيخ برادري ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪري سموري سنڌ اندر سنڌ شيخ الائنس جا دوست شيخ برادري جي ڪم ڪار لاءِ هروقت موجود آهن
