ڏهرڪي: ايس ٽي پي ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران رٿيل ڌرڻي جي ڪاميابي لاءِ گڏجاڻين جو سلسلو جاري

WhatsApp Image 2024-09-18 at 12.05.47_2d72f565

ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) سنڌ درياهه بچايو تحريڪ پاران سڀاڻي 19 تاريخ بروز خميس تي ارسا ايڪٽ ترميم نامنظور جي عنوان هيٺ رٿيل احتجاج جي ڪاميابي لاءِ اڳواڻن پاران گڏجاڻيون ڪيون ويون آهن، ان موقعي تي سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي اڳواڻن ايس يو پي اڳواڻ حاتن خان شر، ايس ٽي پي  اڳواڻن ڄام معشوق سميجو، گلزار شر، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ تراب شر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سڀاڻي سنڌ دوست پارٽين ايس ٽي پي، ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين پاران گڏيل اعلان موجب سڀاڻي عوامي هوٽل ون کان ريلي ڪڍي ويندي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري رهيا آهيون، هنن چيو ته ارسا ايڪٽ ترميم نامنظور جي عنوان هيٺ ريلي شهر جي عوامي هوٽل کان ڪڍي ويندي جيڪا شهر جو گشت ڪرڻ بعد يو بي ايل چوڪ  تي پهچندي جتي سنڌو درياهه بچايو تحريڪ ۾ شامل پارٽين جا اڳواڻ خطاب ڪندا هنن جو چوڻ هو ته اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ارسا ايڪٽ ترميم کي واپس ورتو وڃي، سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙا بند ڪرايا وڃن ۽ ڪالاباغ ڊيم سميت نوان ڊيم کي سنڌ واسين کي قبول ناهن ان ڪري اسان چاهيون ٿا ته سنڌو ندي کي بچايو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *