سجاول: چارڻ محلا واسي پورهيت روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد لاچار بڻيل

WhatsApp Image 2024-09-14 at 13.55.35_04f9f247

سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) چارڻ محلا جو رھواسي پورهيت گووند چارڻ ھڪ سال اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو هو، جنهن بعد هن ٽنگن ۽ هٿن کان لاچار بڻيل آهي، کيس جسم جا مختلف حصا متاثر ٿيل آهن، لاچار بڻيل پورهيت جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان مسڪين آھيون گووند چارڻ جو گھر جو الھه تلھه کپائي  هن پنهنجو علاج ڪرايو، پر صحتياب ناهي ٿي سگهيو، سندس حالت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي پئي وڃي، ھنن سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته گووند چارڻ جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائي سندس جي زندگي بچائي وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *