قاضي احمد: مختلف علائقن ۾ گهريلو گئس جي فراهمي معطل
قاضي احمد ( رپورٽ: جاويد سيال ) شهر جي مختلف علائقن ۾ گهريلو گئس جي فراهمي بند ڪرڻ واري عمل خلاف اسڪولي ٻارڙن جو قومي شاھراهه تي ڌرڻو، قومي شاھراهه تي ڌرڻي سبب ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مظاهرين چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان دينو مشين، علي آباد، ڪريم آباد سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گئس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي گهريلو صارفين سخت پريشان آهن ڪاٺين تي کاڌو پچائڻ جي مجبور آهيو، گئس جي فراهمي بحال ڪئي وڃي
