ڏهرڪي واسي نوجوان آرٽسٽ جي مبينا چوري ٿيل پئنٽنگ منظرعام تي اچي وئي
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) ڏهرڪي سان واسطو رکندڙ نوجوان آرٽسٽ سيفي سومرو جي چوري ٿيل پينٽينگ خانگي ٽي وي چئنل جي ڊرامه سيريل ڪبهي هم ڪبهي تم جي هڪ سين ۾ منظرعام تي اچي وئي آهي، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙيل آهي، نيوز نائو ايڇ ڊي سان ڳالهائيندي نوجوان آرٽسٽ صفدر سومرو عرف سيفي جو چوڻ آهي ته 2017 ۾ مون پنهنجون پينٽنگس نمائيش لاءِ ڪراچي جي فريئر هال ۾ جمع ڪرايون هيون، نمائيش کانپوءِ ڄاڻايل پيٽنگس واپس نه ڪيون ويون، پڇا ڪرڻ تي جواب ڏنو ويو ته پينٽنگس گم ٿي ويون آهن ڳولا ڪري توهان کي واپس ڪيون وينديون، جنهن بعد اهي خانگي ٽي وي چئنل اي آر وائي ڊجيٽل جي اردو ڊرامي ۾ هڪ سين ۾ ڏيکاريون ويون آهن، هن چيو ته آئون هڪ آرٽيسٽ آهيان مون سان ناانصافي ڪئي وئي آهي وس واري جو نوٽيس وٺي ون سان انصاف ڪن
