سجاول: پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ مبينا ڪرپشن جو انڪشاف، عملدارن خلاف ڪيس داخل
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) سنڌ انفارميشن ڪميشن پاران سجاول ضلعي جي مختلف شهرن دڙو، ٻنون، ميرپورٻٺورو، جاتي، چوھڙجمالي ۽ سجاول شهر ۾ بند پيل فلٽر پلانٽس اسڪيمن کي فنڪشنل ڄاڻائي مبينا طور ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ، ڊيلي ويجز ملازمن ۽ انهن کي ملندڙ پگهارن، ترقياتي ڪمن لاءِ آيل سمورا ٽينڊر، فرضي بوگس ڪمپنين جا نالا ۽ خرچ ڪيل سموري بجيٽ جا تفصيل نه ڏيڻ تي پبلڪ ھيلٿ کاتي سجاول جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي 19 سيپٽمبر تي ڪراچي آفيس طلب ڪري ورتو آھي، جاري ٿيل ليٽر موجب پبلڪ ھيلٿ کاتي کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته سنڌ ھائي ڪورٽ جي وڪيل امر جماڻي طرفان گهربل سمورو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، ان سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو وڃي ته امر جماڻي وڪيل پاران سجاول جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي موڪليل درخواستن جا جواب ڇو نه ناهن ڏنا ويا، ياد رھي ته پبلڪ ھيلٿ کاتي سجاول ۾ ٿيل بدترين ڪرپشن بعد هيومن رائيٽس جسٽس اينڊ ڊفينڊرس آرگنائيزيشن جي مانيٽرنگ سيل سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ناليواري وڪيل امر جماڻي پاران ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ سجاول نصير جوکيو کي 2 ڀيرا سجاول ضلعي لاءِ آيل بجيٽ ۽ خرچ جا تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيا، پر ايگزيڪيوٽو انجنيئر آيل بجيٽ ۽ خرچ جا تفصيل ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو
