مورو: ميونسپل ڪاميٽي ۾ پبلڪ هيلٿ جي اسڪيمن بابت اجلاس ٿي گذريو
مورو ( رپورٽ: سرمد رضا مستوئي ) ميونسپل ڪميٽي ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ڊرينيج ڊولپمينٽ اسڪيمن بابت اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد مستقيم قريشي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ ايڪسيئن پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتو فيصل آفتاب ميمڻ، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي نذير ميمڻ، وائيس چيئرمين ۽ اسسٽنٽ انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ منظور احمد ٻوھيو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ميونسپل ڪميٽي مورو ۾ آبادي ۾ واڌ سبب ڊرينيج جا مسئلا پيدا ٿيا آهن ان ڪري موجوده ڊرينيج اسڪيمن ۾ بهتري آڻڻ سان گڏ نيون اسڪيمون ٺاهيون وڃن، هن چيو ته لاڳاپيل آفيسرن سان فوري ۽ ڊگهي مدي وارين اسڪيمن لاءِ صلاح مشورا ڪيا وڃن، مختلف هنڌن تي نئين ڊرينيج ڊسپوزل جي تعمير لاءِ ھنڌن جي چونڊ ڪئي وئي
